ٻٽ سرائي (ذات)

ٻٽ سرائي: ھڪ ذات جو نالو جيڪي اڪثر دادو ضلعي ۾ آباد آھن، دادو ضلعي جي تعلقي ميھڙ ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ ھيٺيان ڳوٺ شامل آھن: ’ٻٽ سرائي‘، ’محمد جھتيال‘، ’محمد حسين ڳاھو‘، ’چانڊيا وليج‘ ۽ ’محمد مگسي‘ ساڳئي نالي سان ديهه ’ٻٽ سرائيءَ‘ ۾ ھڪ ڳوٺ آباد آھي. ھتي ٻه پرائمري اسڪول، ھڪ مسجد اسڪول، ھڪ ھاءِ اسڪول ۽ رورل ھيلٿ سينٽر موجود آھن. ھيءُ ڳوٺ ٿرڙي محبت شھر کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر اولهه- ڏکڻ ۾، ۽ ميھڙ شھر کان ساڍا ست ڪلوميٽر اوڀر طرف رائيس ڪئنال (جنھن کي عام طور ”نارو“ چيو وڃي ٿو) جي ڪناري تي واقع آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو